ڪوئيٽا – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم کي جعفر ايڪسپريس سانحي جي ڏس ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي، هو سياسي اڳواڻن ۽ نمائندن کي پڻ خطاب ڪندو.