اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آءِ ايم ايف جي ريزيلينس ۽ پائيداري جي سهولت تائين پهچ جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي، بجلي ۽ پيٽروليم وارن وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاونين طارق باجوه ۽ هارون اختر کانسواءِ ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ موسمياتي موافقت ۽ خاتمي جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سهولت کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ان سلسلي ۾ عملي قدمن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.