اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم آفيس جي پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي، بجلي ۽ پيٽروليم وارن وزيرن سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي نيويارڪ ۾ روز ويلٽ هوٽل سميت نجڪاري جي جاري قدمن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه جو محور سڀ کان وڌيڪ قابل عمل رستي جي نشاندهي تي رهيو. نائب وزيراعظم نجڪاري ڪميشن تي زور ڏنو ته اها روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري جي عمل کي تيزي سان اڳتي وڌائي.