گڏيل قومون -11 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان جي صورتحال تي بحث دوران چيو آهي ته ٽي ٽي پي ٻين دهستگرد گروپن سان گڏجي پنهنجي دهشتگردي واري مهم ذريعي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ چين سان اقتصادي سهڪار خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) بابت پاڪستان افغانستان جي پاڙيسري ملڪن لاءِ خطري کي اجاگر ڪرڻ تي افغان اختيارين پاڪستان خلاف سرحد پار حملن ۾ ٽي ٽي پي جي مدد ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان جي صورتحال تي بحث دوران چيو ته ٽي ٽي پي ٻين دهستگرد گروپن سان گڏجي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ (سي پيڪ) متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن 15 ميمبرن واري سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي حوالي سان واضح طور ٻڌايو ته ٽي ٽي پي کي اسان جي اصل مخالف کان پرڏيهي حمايت ۽ مالي مدد به حاصل آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ٽي ٽي پي ۽ ان سان واڳيل تنظيمون پاڪستان جي سر زمين تي سرحد پار دهشتگرد حملا ڪيا آهن، ان گروپ کي آمريڪي اڳواڻي ۾ پرڏيهي فوج جي افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيارن تائين رسائي حاصل آهي. هن خبردار ڪيو ته ٽي ٽي پي جنهن کي طالبان حڪمرانن جي سرپرستي حاصل آهي ۽ هي ٻين دهشتگرد گروپن لاءِ هڪ مضبوط تنظيم طور اڀري رهي آهي، جنهن جو مقصد افغاسنتان جي پاڙيسرين لاءِ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته اصل ۾ افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ پوري خطي مطلب سڄي دنيا لاءِ سڀ کان وڏو خطرو افغانستان ۾ موجود 20 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمن مان پيدا ٿيو آهي. هن ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي چيو ته طالبان جي حڪومت داعش خراسان سان وڙهڻ لاءِ اثرائتي نه هئي. هن افغانستان ۾ داعش جي ڪيترن حملن سان گڏوگڏ ايران جي شهر، روس جي گادي واري هنڌ ۽ تازو ئي پشاور ۾ ڪيل حملن جو حوالو به ڏنو. پاڪستاني نمائندي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته پاڪستان داعش جي دهشتگردين جي افعانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو ۽ ان جي ٻاهرين آپريشنز برانچ کي پاڪستان ۾ قائم ٿيڻ کان روڪيو ۽ ڪرمان ۽ ڪروڪس حملن ۾ ملوث ڪيترن ئي هاءِ پروفائيل اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڪابل عملدار داعش سان وڙهندي ۽ ان کان ٻاهر ٻين دهشتگرد گروپن جهڙوڪ القاعده، ٽي ٽي پي ۽ بلوچ دهشتگردن سميت بي ايل اي (بلوچ لبريشن آرگنائيزيشن) ۽ ان جي مجيد گرگيڊ مان لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن جيڪي افغانستان ۾ موجود آهن. هن چيو ته پاڪسان عالمي قانون تحت پنهنجي دفاع جو حق ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن مطابق پنهنجي قومي سلامتي کي درپيش دهشتگردي جي خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو. هن افغانستان ۾ انساني حقن جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪابل حڪومت پنهنجي پهرين واعدن کي پورو ڪرڻ بجاءِ عورتن ۽ نياڻين خلاف پابندين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هي عالمي اصولن ۽ ذميوارين سان هڪجهڙائي نٿو رکي ۽ اسلام جي قانون ۽ تعليم جي خلاف آهي. جيئن مسلم دنيا پاڪستان جي ميزباني ۾ مسلم برادري ۾ نياڻين جي تعليم سان واڳيل اسلام آباد پڌرنامي ۾ واضح ڪيو هو. آخر ۾ پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڙيسري هئڻ ناطي افغانستان ۽پاڪستان جو مستقبل هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام پنهنجي افغان ڀائرن ۽ڀينرن جي ڏکن لاءِ انتهائي حساس آهي، هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه طرفن، علائقائي ۽ عالمي سطح تي هر ممڪن ڪوشش جي حمايت ڪئي ۽ پنهنجي عزم تي قائم آهيون. پاڪستاني نمائندي چيو ته 40 سالن جي تڪرارن کان پوءِ افغانستان جا ماڻهو ڪنهن کان به گهٽ مستحق ناهن.