جده-11 مارچ (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ڪالهه رات جده ۾ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ۽ يوڪرين بحران جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاده محمد بن سلمان يوڪرين بحران جي حل ۽ امن لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن لاءِ پنهنجي جي خواهش ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. يوڪرين جي صدر وچ اوڀر ۽ سڄي دنيا ۾ سعودي عرب جي اهم ڪردار جي تعريف ڪندي سعودي پاران ڪيل ڪوششن تي ٿورا مڃيا. ان کان اڳ يوڪرين جو صدر ملاقات لاءِ السلام پيليس پهتو ته باضابطه تقريب منعقد ڪئي وئي.