واشنگٽن – 11 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي ته آمريڪا، گرين لينڊ جي عوام کي پنھنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي حق جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ٽرمپ جو اھو موقف سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ھڪ پوسٽ ۾ سامھون آيو آهي. ھن يقين ڏياريو ته اسان جو ملڪ گرين لينڊ جي شھرين جي سلامتي ۽ تحفظ جا قدم جاري رکندو جيئن ٻي عالمي جنگ کانپوءِ کان جاري آهن. صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو ته اسان جي انتظاميا گرين لينڊ ۾ ڪم ڪرڻ جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ اتي جي ماڻھن کي امير بڻائڻ لاءِ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آھي. ھن واضح ڪيو ته اسان گرين لينڊ جي رھواسين کي دنيا ۾ عظيم ترين قوم جو حصو بڻائڻ لاءِ آجيان ڪيون ٿا. ڊونلڊ ٽرمپ جو اشارو گرين لينڊ جو آمريڪا سان ضم ٿيڻ ڏانھن ھو. گرين لينڊ ٻيٽ جي آبادي 57 ھزار تي ٻڌل آھي. آبادي جي اڪثريت ان ڳالهه تي زور ڀريو آھي ته ھو نه آمريڪا ۽ نه ئي ڊينمارڪ جا شھري بڻجڻ چاھين ٿا پر رڳو گرين لينڊ جا شھري بڻجڻ چاھين ٿا. ياد رھي ته گرين لينڊ 300 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ڊينمارڪ جي ڪالوني رھيو جنھن بعد 1979ع ۾ کيس خودمختياري حاصل ٿي ھئي، جڏھن ته پرڏيھي ۽ دفاعي معاملن کي ڊينمارڪ جي اختيارين جي انتظام ھيٺ رھڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏھن ته 2009ع کان گرين لينڊ جي قانون آزادي جي ھڪ طرفي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو موقع ڏنو. قانون ۾ آھي ته ڊينمارڪ ۽ گرين لينڊ جون حڪومتون ڳالھيون ڪن ته جيئن ھڪ معاھدي تائين پھچي سگھن. ان معاھدي کي گرين لينڊ جي پارليامينٽ مان منظوري بعد ريفرينڊم لاءِ پيش ڪيو ويندو ۽ پوءِ ڊينمارڪ جي پارليامينٽ کان منظوري وٺڻي پوندي. ٽرمپ ماضي ۾ ڪيترا ڀيرا گرين لينڊ کي آڇ ڪري چڪو آھي. ڊونلڊ ٽرمپ گرين لينڊ کي آمريڪا جي سلامتي لاءِ اھم قرار ڏنو آھي جڏھن ته آمريڪا جي صدر جي ان موقف گرين لينڊ ۽ ڊينمارڪ ٻنھي کي ناراض ڪري ڇڏيو آهي.