اسلام آباد -11 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته ماحولياتي تبديليون ۽ آبادي ۾ واڌ جي بنيادي مسئلن جي حل تائين پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي نٿي ٿي سگهي، پاڪستان گڏيل قومن سميت پنهنجي ترقياتي شراڪتدارن سان گڏجي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ هڪ مستحڪم، پائيدار مستقبل جي تعمير لاءِ ڪم ڪندو رهندو. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪو آرڊينيٽر محمد يحييٰ سان ملاقات ۾ چئي، جنهن سان يونيسيف جو نمائندو عبدالله فاضل به گڏ هو. ملاقات ۾ قرضن جي انتظام، قرضن جي نئين سر تنظيم سازي، ماحولياتي فنانسنگ، پائيدار ترقي جا هدف ۽ پاڪستان جي ماحول دوست توانائي طرف منتقلي جهڙن اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر آفيس جو سربراهه افڪي بوٽس مين ۽ يو اين ايف پي اي جو نمائندو ڊاڪٽر لوئي شبانه کان علاوه ناڻي وزارت جا سينئر آفيسر به موجود هئا. ناڻي واري وزير ڳالهين دوران ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين ۽ آبادي ۾ واڌ جهڙا ٻه وڏا وجودي چئلينجز سامهون آهن، جيستائين انهن ٻنهي بنيادي مسئلن کي حل نه ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي نه ٿي سگهندي. هن ترقياتي شراڪتدارن جي فني سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته جيئن اهڙا مالي طور قابل عمل منصوبا جوڙي سگهجن جيڪي عالمي معيارن مطابق مانيٽر ڪيا وڃن ۽ انهن جي شفاف رپورٽنگ کي يقيني بڻايو وڃي. هن پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ شراڪتدار تحت آبادي جي نظم و نسق ۽ تعليمي فقدان جهڙن ٻن بنيادي شعبن تي جاري ڪم جو حوالو به ڏنو، جيڪو تازو ئي طئي ٿيل 10 ساله ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جو حصو آهي. هن ان ڳالهه جو به ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان انهن مسئلن کي اثرائتي نموني حل ڪرڻ لاءِ ضروري فني ۽ مالي تعاون سان گڏ پرعزم آهي، ناڻي واري وزير ملڪي معيشت جي موجوده استحڪام ۽ اهم اقتصادي اهڃاڻن ۾ بهتري تي روشني وڌي. هن حڪومت جي ايڪسپورٽ ۽ پيداواري صلاحيت تي ٻڌل ترقياتي حڪمت عملي تي زور ڀريو. جيڪو ماضي جي غير مستحڪم معاشي دورن کان بچڻ لاءِ مرتب ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته ڊگهي مدي، جامع ۽ پائيدار ترقي ۾ نجي شعبي جو اهم ڪردار هئڻ گهرجي. ملاقات ۾ ماحولياتي فنانسنگ ۾ بهتري ۽ سبز توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون ته جيئن پاڪستان کي کي وڌيڪ پائيدار توانائي واري مستقبل ڏانهن وٺي وڃجي. ان کان علاوه ملڪي نوجوانن کي معاشي ترقي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪاروباري صلاحيتن سان ليس ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿيون. ناڻي واري وزير عالمي برادري جي فني ۽ مالي مدد جي ضرورت کي اجاگر ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن سميت پنهنجي ترقياتي شراڪتدرن سان ملي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ هڪ مستحڪم، پائيدار مستقبل جي تعمير لاءِ ڪم ڪندو رهندو.