اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسان جي معاشي اهڃاڻن مان بهتري جي عڪاسي ٿي رهي آهي، کنڊ جي خريداري ۽ وِڪري جي نگراني جي نظام کي شفاف بڻايو ويو آهي، انفورسمينٽ ادارن جي سهڪار سان پهريون ڀيرو افغانستان کي کنڊ جي اسمگلنگ نه پر روانگي واپار ٿيو آهي، واپارين ۽ سيڙپڪارن جي معيشت تي اعتماد ۾ واڌ ٿي آهي. ڪالهه هتي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هفتي وزيراعظم کي ملڪ جي معيشٽ جي باري ۾ مفصل رپورٽ پيش ڪري ڇڏي هئي، فيبروريءَ ۾ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ رڪارڊ واڌ ٿي، اها ڪنهن به ماهوار جي هاڻ تائين بلند ترين شرح آهي. وزيراعظم، ڪابينه ۽ حڪومت طرفان اسان پنهنجي سمنڊ پار پاڪستاني ڪارڪنن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا، اهي ماڻهو نه صرف پاڪستان جا سفير پر لائف لائن پڻ آهن، اسان جي اميد آهي ته جاري مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين سمنڊ پار پاڪستانين طرفان پرڏيهه موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 36 ارب ڊالر کان وڌي ويندو جيڪو هڪ نئون رڪارڊ هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته اسٽيٽ بئنڪ سميت اهم ادارن جن سروي ڪيا آهن انهن سڀني ۾ واپارين ۽ صارفين معيشت ۽ معاشي پاليسين جي حوالي سان پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، صنعتي شعبي ۾ جيڪي سرگرميون جاري آهن ان سان به ان ئي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ به واڌ ٿي رهي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 52 هزار نوان سيڙپڪار آيا آهن، هي هڪ همٿائيندڙ صورتحال آهي. گذريل سال کان 7 آءِ پي اوز (انيشنل پبلڪ آفرنگ) ٿي آهي جيڪا گذريل هڪ ڏهاڪي جي بلند ترين شرح آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر کنڊ جي صنعت لاءِ بهتر پيداواري نگراني جو نظام شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ 5 اوور سائيٽ نظام ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس اسٽمپ، آٽوميٽڪ ڪائونٽرز، وڊيو رڪارڊنگ اينڊ ڊجيٽل اڪائونٽنگ ۽ ايس ٽريڪ شامل آهن. شوگر ملز تي مقرر ايف بي آر اهلڪارن کي هر 10 ڏينهن کان پوءِ تبديل ڪيو ويندو آهي ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. انفورسمينٽ جي عمل ۾ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جو سهڪار به حاصل آهي. انهن قدمن ذريعي کنڊ نون ڊسٽري بيوٽرز کي وِڪرو ٿي رهي آهي ۽ ذخيره اندوزي ۽ مهانگائي جي ڪوششن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ 6 شوگرملز ۾ 10 شوٽ هاپرز کي سيل ڪيو ويو آهي، انهن شوگرملز تي 12.5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته جاري مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ کنڊ تي سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 24 ارب رپيا وصول ڪيا ويا، گذريل سال جي ساڳئي مُدي ۾ کنڊ تي سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 15 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو هو، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 54 سيڪڙو جي اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته نه صرف ملز پر سرحدن تي به قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم جي هدايت ۽ سمورن انفورسمينٽ ادارن جي سهڪار سان پهريون ڀيرو افغانستان کي کنڊ جي اسمگلنگ نه پر روانگي واپار ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن کي متوازن بنائڻ لاءِ هڪ هڪ ڊالر جي ضرورت هوندي آهي، ناڻي واري وزير چيو ته هلندڙ سال کنڊ جي 5.7 ملين ٽن پيداوار متوقع آهي.