اسلام آباد -11 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته پارليامينٽ مجموعي طور تي اٽڪل 450 ماڻهن تي ٻڌل آهي، جن کي هڪ مخصوص درجه بندي ۾ رکڻ ممڪن ناهي، پارليامينٽ ملڪ جو سڀ کان سپريم ادارو آهي ۽ سمورا رياستي ادارا پنهنجي طاقت پارليامينٽ مان ئي حاصل ڪندا آهن. هن سينيٽ اجلاس ۾ پارليامينٽ جي حيثيت ۽ ميمبرن جي درجه بندي بابت سينيٽ کي ٻڌايو ته اعليٰ ترين عهدن تي مقرريون به پارليامينٽ ذريعي ئي ٿينديون آهن، ان لاءِ ان جي حيثيت سڀ کان اونچي آهي. پارليامينٽ جو ميمبر ٿيڻ ئي سڀ کان وڏو اعزاز آهي، البته پارليامينٽ ميمبرن جي حيثيت کي درجه بندي ۾ رکڻ وارو فيصلو کليل اجلاس ۾ نه ٿيڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته ان معاملي تي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين بند ڪمري ۾ اجلاس گهرائين، جنهن ۾ هو ۽ ٻيون لاڳاپيل اختياريون شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار آهن. قانون واري وزير سينيٽ اجلاس ۾ پارليامينٽ جي بالادستي، عزت ۽ احترام تي زور ڀريندي چيو ته ٻئي ايوان (قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ) پاڪستان جي عوام جي نمائندگي ڪن ٿا، ان لاءِ انهن جي عزت ۽ احترام سڀني تي لازم آهي. هر شهري، ادارو ۽ حڪومتي اهلڪار کي انهن ايوانن جو احترام دل سان ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پارليامينٽ سڀ کان سپريم ادارو آهي ۽ ان جي حيثيت کي ڪنهن به سطح تي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.