اسلام آباد -11 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سي ايس ايس امتحان ۾ امڪاني سڌارن جي حوالي سان چيو آهي ته حڪومت ان جي نظام تي نظرثاني لاءِ وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ خصوصي ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ڪافي اڳڀرائي ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪميٽي جي حتمي رپورٽ جو انتظار ڪيو پيو وڃي، اميد آهي ته هلندڙ سال يا ايندڙ سال سي ايس ايس امتحان جي نظام ۾ نمايان بهتري نظر ايندي. هن چيو ته انهن سڌارن سان اميدوارن لاءِ وڌيڪ بهتر موقعا پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن.