اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت سياسي بردباري ۽ استحڪام کي نظر ۾ رکندي آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصل ڪيو آهي، آرٽيڪل 6 جو تعلق غداري ۽ آئين ٽوڙڻ سان آهي، ان تحت ڪنهن به شخص خلاف آئيني ڀڃڪڙين جي بنيادي تي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر اعظم نذير تارڙ مخالف ڌُر اڳواڻ جي اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي چيو ته حڪومت قانوني ڪارروائي بدران سياسي حل کي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن پنهنجو حلف کنيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪيو، ڪي پي ڪي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جو وڏو وزير بڻيو، شيڊول جاري ٿيو پر وڏي وزير ۽ ڪي پي ڪي جي اسپيڪر اجلاس گُهرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ پيغام جاري ڪيو ته اجلاس گُهرايو، جڏهن سڄي ملڪ ۾ سينيٽ جون چونڊون ٿي رهيون آهن، ان وقت ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جي اسپيڪر وڏي وزير جي هدايت تي اجلاس ئي نه گُهرايو، جيڪڏهن سڀ ڪجهه غير قانوني آهي ته اوهان ليڊر آف اپوزيشن ڇو بڻيل آهيو، ڪيترين ئي ڪميٽين جي چيئرمين شپ پڻ پي ٽي آءِ جي ماڻهن وٽ آهي. هن چيو ته آرٽيڪل 6 ۾ جيڪڏهن گنجائش هجي ها ته ان کي ان ئي ڏينهن لاڳو ٿيڻو هو جڏهن وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جو ووٽ آيو ۽ اسيمبلي ٽُوڙي ڇڏي هئي، ڪيترائي ڀيرا اها ڳالهه پي ڊي ايم حڪومت ۾ غور هيٺ آئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جا سينيٽرز نه هئڻ جو جواب ڪي پي ڪي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ وڏو وزير ڏين.