اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 3 ڏينهن جي سرڪاري دؤري تي عمان پهچي ويو. دؤري ۾ اعليٰ سطحي ملاقاتون، صنعتي دؤرا ۽ ثقافتي سرگرميون شامل آهن. واپار واري وزارت مان جاري پڌرائيءَ موجب وفاقي وزير 3 ڏينهن جي سرڪاري دؤري تي عمان پهچي ويو. مسقط انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي پاڪستاني سفارتخاني جي سفارتي نمائندن سفير سيد نويد صفدر بخاري، ڊپٽي هيڊ آف مشن بلال حسن ۽ ڪمرشل قونصلر عشرت حسين ڀٽي سندس آجيان ڪئي. پنهنجي دؤري دوران ڄام ڪمال خان 11 مارچ تي صحار پورٽ ۽ صحار فري زون جو دؤرو ڪندو، جيڪو عمان جو سڀ کان وڏو صنعتي زون آهي. اتي کيس سي اي او صحار پورٽ طرفان پورٽ جي سهولتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. ان کان علاوه هو صحار چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين سان پڻ ملاقات ڪندو ته جيئن سيڙپڪاري ۽ واپاري موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. 12 ۽ 13 مارچ تي وفاقي وزير جي مصروفيتن ۾ عمان جي اهم ڳواڻن سان ملاقاتون شامل آهن. جن ۾ واپار، صنعت ۽ سيڙپڪاري پروموشن بابت وزير قيس اليوسف ۽ زراعت، ماهيگيري ۽ پاڻي وسيلن وارو وزير ڊاڪٽر سعود الحسبسي سان گڏ اجلاس شامل آهي. هو عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين فيصل الرواص سان پڻ ملاقات ڪندو، جنهن کان پوءِ سرڪاري افطار ڊنر منعقد ٿيندو. 13 مارچ تي وفاقي وزير انويسٽ عمان لانج جو دؤرو ڪندو ۽ ٽرانسپورٽ، ڪميونيڪيشن ۽ آءِ ٽي واري وزير سعيد الموالي سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ واپار ۽ لاجسٽڪس جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وفاقي وزير جي سرڪاري شيڊول ۾ عمان جي ثقافتي ماڳن جو دؤرو پڻ شامل آهي، جن ۾ رائل اوپيرا هائوس مسقط ۽ سلطان قابوس گرينڊ مسجد شامل آهن. ان دؤري جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي ناتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. سندس سرڪاري دؤري جي پڄاڻي 14 مارچ تي ٿيندي، جيڪا پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، واپاري، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.