سيئول-11 مارچ (اي پي پي ) اتر ڪوريا، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جون فوجي مشقون شروع ڪرڻ جي مذمت جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪري ڇڏيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ ڪوريا جي فوج چيو ته ميزائل اتر ڪوريا جي اولهه پاسي اصفر سمنڊ طرف فائر ڪيا ويا. اتحادين جون ساليانيون فريڊم شيلڊ مشقون 20 مارچ تائين جاري رهنديون، جڏهن ته لائيو فائر جون مشقون هن وقت بند آهن. پر ڏکڻ ڪوريا جي جيٽ جهازن گذريل هفتي سرحد ويجهو هڪ شهري علائقي تي غلطي سان بم ڪيرايا جنهن ۾ 29 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. واضح رهي اتر ڪوريا، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي گڏيل مشقن کي ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ان کي حملي جو سبب قرار ڏنو آهي.