واشنگٽن -11 مارچ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي، ته عالمي ترقي بابت آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) جي انتظام هيٺ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ پروگرامن کي ختم ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته 6 هفتن جي جائزي کان پوءِ ٽرمپ انتظاميه يو ايس ايڊ جي 83 سيڪڙو پروگرامن کي باضابطا طور ختم ڪري رهي آهي. هن چيو ته 5200 معاهدن ۾ ڪيترائي اربين ڊالرز اهڙي طريقي سان خرچ ڪيا ويا جن مان ڪو به فائدو ناهي ٿيو ۽ ڪجهه صورتن ۾ آمريڪا جي بنيادي قومي مفادن کي به نقصان پهتو آهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل مهيني چيو هو ته يو ايس ايڊ جي فنڊز جي استعمال ۾ غير معمولي سطح تي بدعنواني ٿي آهي ۽ ان کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. ٽرمپ انتظاميه يو ايس ايڊ جي انتظام هيٺ اٽڪل سمورن پرڏيهي امدادي پروگرامن کي ختم ڪري رهي آهي.