رياض – 11 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي افرادي سگهه واري وزارت نجي ادارن لاءِ عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو آهي ته عيد الفطر جون موڪلون ڇنڇر 30 مارچ تي شروع ٿينديون ۽ 4 ڏينهن تائين جاري رهنديون. ان کان اڳ سعودي عرب سينٽرل بينڪ طرفان عيد الفطر جي موڪلن جي حوالي سان ٻڌايو ويو هو ته 30 مارچ کان عيدالفطر جون موڪلون شروع ٿينديون ۽ 2 اپريل تائين جاري رهنديون. عيد الضحى جي موڪلن جي شروعات 5 جون کان ٿيندي جيڪا 10 جون تائين جاري رهندي. مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره کان علاوه سرحدي علائقن ۾ حج پانڌيئڙن ۽ عمره پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ مخصوص برانچون موڪلن دوران معمول موجب ڪم ڪنديون رهنديون ته جيئن حاجين ۽ عمره پانڌيئڙن کي ڪنهن قسم جي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پئي.