واشنگٽن _ 11 مارچ (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين لاءِ نئين ايپ لانچ ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يو ايس ڪسٽمز اينڊ بارڊر پروٽيڪشن چيو آهي ته اها ايپ پرڏيهين ۽ غيرقانوني ترسيل پرڏيهين کي روانگي جي خواهش کان آگاهه ڪرڻ جو آپشن فراهم ڪندي. هوم لينڊ سيڪيورٽي جي سيڪريٽري ڪرسٽي نوم هڪ بيان ۾ چيو ته سي بي پي ايپليڪيشن ذريعي پرڏيهين کي هاڻي اتان نڪرڻ ۽ پاڻ کي ڊي پورٽ ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويندا. ان لاءِ کين مستقبل ۾ قانوني طور واپس اچڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو . هن زور ڀريندي چيو ته جيڪڏهن هو ائين نه ڪندا ته اسان کين ڳولهي ملڪ بدر ڪنداسين ۽ هو ڪڏهن به واپس نه ايندا.