اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) ڊاڪٽر مصدق ملڪ ماحولياتي تبديلي ۽ هم آهنگي واري وزارت جو عهدو سنڀالي ورتو. ڪالهه ماحولياتي تبديليءَ واري وزارت ۾ اچڻ کانپوءِ کيس جاري منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ماحولياتي منصوبن، تجديد جوڳي توانائي ۽ عالمي تعاون تي به بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير ماحولياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليءَ تي زور ڀريو. هن پاڪستان جي ماحولياتي مستقبل تي پختي عزم جو اظهار ڪيو.