اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري وزارت جو چارج سنڀالي ورتو. ان موقعي تي هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي صنعت ۾ بي پناهه ترقيءَ جي صلاحيت موجود آهي ۽ اسان ان شعبي کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي)، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (پي اين ايس سي)، پورٽ قاسم اٿارٽي (پي ڪيو اي) ۽ گوادر پورٽ اٿارٽي (جي پي اي) سميت سمورن ادارن جي سگهه وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان نه صرف ملڪي معيشت ۾ سامونڊي شعبي جي ڪردار کي مستحڪم ڪنداسين پر عالمي تعاون کي هٿي ڏئي پاڪستان کي عالمي سطح تي هڪ مضبوط سامونڊي واپاري مرڪز بڻائينداسين. محمد جنيد انوار چوڌري وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي سڀني بندرگاهن کي جديد رُخن مطابق اختيار ڪنداسين. سيڙپڪاريءَ جا موقعا پيدا ڪنداسين ۽ـ پاڪستان کي هڪ ريجنل شپنگ حب بنائڻ لاءِ عالمي ادارن سان تعاون کي هٿي ڏينداسين. هن شفافيت ۽ احتساب کي بنيادي اصول قرار ڏيندي چيو ته اسان پنهنجي سمورن ادارن ۾ ميرٽ ۽ ڪارڪردگيءَ تي ٻَڌل پاليسين کي لاڳو ڪنداسين ته جيئن بندرگاهي انتظام وڌيڪ بهتر ٿين ۽ واپاري سرگرمين کي تيزي اچي.