اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) محمد حنيف عباسي ريلوي واري وزارت جو عهدو سنڀالي ورتو آهي. وفاقي وزير چارج سنڀالڻ کانپوءِ وزارت ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. ريلوي واري سيڪريٽري مظهر علي شاهه ريلوي ڪارڪردگي، ٽرين آپريشنز ۽حفاظتي قدمن جي حوالي سان مڪمل بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ريلوي کي مستحڪم ۽ متحرڪ ادارو بڻائڻ لاءِ ان جي آمدني ۾ واڌ ۽ خرچن ۾ گهٽتائي آندي ويندي.ريلوي وزارت پنهنجي بهتر ڪوآرڊينيشن سان گڏ پاڪستان ريلوي ۾ ڪارڪردگي جي تسلسل کي برقرار رکندي وڌيڪ ترقي ڪندي. هن چيو ته مسافرن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو يندو ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به حادثي کان بچڻ لاءِ نگراني جا اوزار لڳايا ويندا.