اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جي اقتصادي هدفن کي اڳتي وڌائڻ ۽ـ ڊگهي مُدي واري ترقي ۽ نجي شعبي خاص طور تي ڪاروباري برادريءَ کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، اقتصادي ترقي، چئلينجز ۽ ترقيءَ جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پنجاب جي گورنر ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ملڪ هڪ سال اڳ جي شديد اقتصادي بحران باوجود زبردست ترقي ڪئي آهي. ناڻي واري وزير سياسي قيادت خاص طور وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو مڃيو جنهن جي ويزن ۽ رهنمائي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پائيدار ترقيءَ جي راهه هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير، صدر آصف علي زرداري جو به ٿورو مڃيو جنهن اقتصادي انتظام، وفاقي معاملن ۽ قومي اقتصادي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو. سينيٽر اورنگزيب گورنر جي ڪاروباري برادري ۽ مقامي چيمبرز سان سرگرم حصيداري ۽ رابطن کي ساراهيو ۽ چيو ته ملڪ جي اقتصادي هدفن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نجي شعبي خاص طور تي ڪاروباري برادريءَ کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن ڊگهي مُدي واري ترقيءَ کي يقيني بنائي سگهجي. ملاقات دوران زراعت جي شعبي کي مستقبل جي اقتصادي ترقيءَ لاءِ اهم ٿنڀ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته زراعت کي مڪمل صلاحيت موجب هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هي ملڪ جي اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري.