اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب انشورنس شعبي جي ترقي ۽ مدد لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته ان شعبي ۾ نجي سيڙپڪاري جي حوالي سان بي پناهه موقعا ۽ سگهه موجود آهي، حڪومت بينڪاري نظام کان هٽي ڪري متبادل مالي مدد جي ذريعن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي. هن اها ڳالهه پاڪستان جي اهم انشورنس ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن جي هڪ وفد سان ملاقات دوران چئي. اجلاس ۾ انشورنس شعبي جي ترقي، قومي معيشت ۾ ان جي ڪردار، صحت جي نظام تي ان جي اثرن، پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊ ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري کان علاوه ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جي موقعن تي به ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير چيو ته انشورنس انڊسٽري وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري. ان لاءِ جديديت، پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ۽ شعبي جي وڌيڪ ترقي تي ڌيان ڏيڻ اڻٽر آهي. ناڻي واري وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت انشورنس انڊسٽري جي ڊگهي مدي واري استحڪام ۽ ترقي لاءِ صنعت جي اڳواڻن ۽ لاڳاپيل ڌرين سان ويجهو سهڪار جاري رکندي ڇاڪاڻ ته هي شعبو پاڪستان جي معيشت جو هڪ اهم ٿنڀ آهي. وفد ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي انشورنس سيڪٽر جي ترقي ۽ پيداواري صلاحيت ۾ واڌ بابت مختلف تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون. ان موقعي تي انڊسٽري جا موجوده انگ اکر به پيش ڪيا ويا جن موجب انشورنس سيڪٽر جا مجموعي اثاثا 2900 ارب روپين تائين پهچي چڪا آهن جڏهن ته هي شعبوسڌي ريت 20000 ۽ اڻ سڌي ريت 234000 نوڪريون فراهم ڪري رهيو آهي. انشورنس ڪمپنين جي مجموعي لکت ۾ پريميم 613 ارب روپيا ۽ هاڻي تائين ادا ڪيل ڪليمز 373 ارب روپين تائين پهچي چڪا آهن. سينيٽر محمد اورنگزيب وفد جي بريفنگ جي آجيان ڪندي سندن قيمتي تجويزن ۽ بصيرت کي ساراهيو. هن خاطري ڪرائي ته حڪومت انهن سفارشن، خاص ڪري ٽيڪسيشن ۽پاليسي قدمن سان لاڳاپيل معاملن تي سنجيدگي سان غور ڪندي ته جيئن انشورنس انڊسٽري جي مستقبل جي ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ لاءِ مشاورتي عمل هن سال اڳ ئي شروع ڪيو يو آهي، ۽ هاڻي تائين اهو عمل 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مختلف اسٽيڪ هولڊرز سميت انشورنس سيڪٽر کان به تجويزون وصول ڪيون ويون آهن. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ ماهرن جي هڪ ٽيم مختلف شعبن مان مليل تجويزن جو ويجهڙائي کان جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن ان جي معيشت ۽ آمدني جي امڪاني اثرن تي مڪمل تجزيو ڪري سگهجي. ان مشاورتي عمل جو مقصد حقيقت پسنداڻا ۽قابل عمل پاليسي قدم مرتب ڪرڻ آهي جيڪو نه رڳو انشورنس انڊسٽري پر ٻين اهم معاشي شعبن جي ترقي ۾ به مددگار ثابت ٿيندا.