اسلام آباد -08 مارچ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ جي اڳواڻي ۾ سڌ سماءَ واري وزارت گذريل هڪ سال دوران سڌ سماءَ واري وزارت ۾ نمايان سڌارا لاڳو ڪيا، جن ۾ ڊجيٽل ترقي، ميڊيا سان تعاون ۽ تعميري صحافت کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير قومي ترقي ۾ ٽيڪنالاجي جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي، پنهنجي هڪ سال جي حڪومتي دور ۾ وزارت ۾ انقلابي تبديليون متعارف ڪرايون. انقلابي تبديلين جو هي سال بنيادي طور اعليٰ انتظاميه جي واضح حڪمت عملي جي ويزن جو نتيجو هو، جنهن جو مقصد هڪ باخبر ۽ هم آهنگ معاشري کي هٿي ڏيڻ ۽ ميڊيا جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ آهي، موجوده دور ۾ روائتي طريقن جي جامع سڌارن، ڊجيٽلائيزيشن، آٽوميشن ۽ اسٽريٽجڪ سڌارن تي زور ڀريو ويو ته جيئن ميڊيا جي اڀرندڙ منظرنامي سان بهتر طور هم آهنگ ٿي سگهجي. 3 آڪٽوبر 2024ع تي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جو قيام هڪ اهم ڪاميابي هئي جنهن جو مقصد غلط معلومات، سائبر وار افيئر ۽ هائبرڊ تڪرارن جي وڌندڙ خطرن سان منهن ڏيڻ آهي. ان سان اڳ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز اعليٰ معيار جون موضوعاتي دستاويزي فلمون تيار ڪري قومي بيانئو جوڙڻ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جيڪو موثر طريقي سان قومي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي اميج کي بهتر بڻائيندي اهم پاليسي مقصدن کي هٿي وٺائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پي ايس ڊي پي سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ تحت اي آءِ سان هلندڙ مانيٽرنگ سسٽم جي شروعات وزارت جي اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تجزئي ۾ جديد صلاحيتون فراهم ڪيون جنهن سان اڀرندڙ رجحانن ۽ امڪاني خطرن جي اڳواڻ ادراڪ ۽ وقت سر رد عمل ممڪن ٿي سگهيو آهي. بنيادي ڍانچي جي ترقي وزارت جي ڪوششن جو بنيادي ٿنڀ رهي آهي. 4.45 ارب روپيا ماليت جي 4 پي ايس ڊي پي منصوبن جي تڪميل، اهم ميڊيا ادارن جي آپريشنل صلاحيتن کي نمايان طور اپگريڊ ڪيو. ان ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي اسٽوڊيوز ۽ ماسٽر ڪنٽرول رومز کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ به شامل آهي. ان کان علاوه پرتشدد انتهاپسندي جو موثر جواب ڏيڻ لاءِ هڪ مخصوص ميڊيا سيل جو قيام به عمل ۾ آندو ويو جيڪو اهم سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي عزم جو اهڃاڻ آهي. ان کان علاوه 3.9 ارب روپيا ماليت جو سي پيڪ منصوبو، PTV، Terrestrial Digitalization of DTMB-A جي تڪميل سرڪاري ٽيليوزن جي نشريات جي دائريڪار ۽ معيار کي نمايان طور بهتر بڻايو. گذريل هڪ سال دوران قانونسازي ۽ پاليسي سازي سڌارن کي ڀرپور طريقي سان اڳتي وڌايو ويو ته جيئن ريگيوليٽري فريم ورڪ کي جديد بنائي سگهجي. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترميمي) ايڪٽ 2024ع جي منظوري آپريشنز کي منظم ڪرڻ سان گڏوگڏ قومي نشرياتي اداري جي خودمختياري ۾ واڌ ڪئي. اهڙي طرح ايس او ايز ايڪٽ 2023ع تحت پي ٽي وي ۽ پي بي سي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ سان گورننس ۽ جوابداري جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويو. ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي 2021ع تحت ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ گائيڊ لائينز جي تياري سرڪاري اشتهارن جي ورڇ ۾ وڌيڪ شفافيت ۽ منصفاڻي طرز عمل کي يقيني بڻايو. وزارت جي رسائي ۽ اثر رسوخ کي وڌائڻ لاءِ عوامي رابطن ۽ عالمي تعاون کي ترجيح ڏني وئي. ايس سي او سربراهي ڪانفرنس ۽ عزم استحڪام جهڙن اهم موقعن تي حڪومتي قدمن جي وسيع 360 ڊگري پروجيڪشن پاليسي مقصدن کي موثر طريقي سان عوام تائين پهچايو. ان کان علاوه پي ٽي وي هوم تي ترڪيه، قازقستان ۽ چين جي پروڊڪشنز سميت عالمي مواد متعارف ٿيڻ سان ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ملي ۽ ڏسندڙن جي دلچسپي ۾ واڌ ٿي. گذريل هڪ سال دوران چين ۽ ايران سان فلم جي گڏيل پروڊڪشنز لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ۽ ترڪيه جي تعاون سان ريڊيو پاڪستان ميوزيم جي قيام، ميڊيا سيڪٽر ۾ عالمي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو. وزارت پنهنجي ريگيوليٽري ڪارڪردگي ۽ فوري رد عمل کي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو.اي بي سي طرفان نئين محفوظ سرڪيوليشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۽ آءِ ٽي اين اي ڪيسن جي موثر حل تحت 5.5 ڪروڙ رپين جي مالي مدد فراهم ڪئي وئي. شفاف ۽ منصفاڻي طرز عمل جي عزم جو اهڃاڻ آهي. اي آفيس سسٽم تي منتقلي انتظامي معاملن کي منظم ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صحافين، ميڊيا تنظيمن، سفارتي مشنز ۽ عوام سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين طرفان مثبت رد عمل وزارت جي ڪاميابين جو اهڃاڻ آهي. هي اڳڀرائي جديد مواصلاتي نظام جي قيام، ميڊيا تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ انتظامي ڪارڪردگي ۾ بهتري جي عڪاسي ڪري ٿو. وزارت جي ڪاميابين کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ مضبوط ڊجيٽل طور تي ترقي يافته معاشرو جوڙڻ لاءِ پنهنجي نصب العين تي گامزن رهڻ لاءِ پرعزم آهي.