اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان آئيني شقن، عالمي معاهدن موجب عورتن جي حقن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي قومي ترقي جي لاءِ لازمي آهي، عورتن کي برابر حق، موقعا ڏيندڙ معاشرا وڌيڪ خوشحال، پرامن ۽ پائيدار هوندا آهن، اسان کي هڪ برابري تي ٻڌل معاشرو جوڙڻو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته عورتن جي سگهه، معاشرتي جوڙجڪ ۽ ترقي ۾ ڪردار جي اعتراف جي لاءِ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هن سال جي عورتن جي عالمي ڏينهن جو عنوان هر عورت جي حقن ۽ موقعن تائين برابر پهچ يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏي ٿو. صدر چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو اٽڪل اڌ حصو آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي قومي ترقي جي لاءِ لازمي آهي، عورتن کي برابر حق، موقعا ڏيندڙ معاشرا وڌيڪ خوشحال، پرامن ۽ پائيدار هوندا آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته عورتن کي تعليم، معاشي موقعن ۽ قائداڻي ڪردار تائين پهچ ڏيڻ پوري قوم جي لاءِ فائديمند آهي، ڪيترين ئي عورتن کي اڃا به تشدد، امتيازي سلوڪ ۽ انهن جي ڀرپور معاشرتي شموليت ۾ رڪاوٽون درپيش آهن، اسان کي هڪ برابري تي ٻڌل معاشرو جورڻو آهي، عورتن جي تحفظ، تعليم ۽ معاشي آزادي جي لاءِ پاليسيون بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ڪاروباري ۽ نجي شعبي کي عورتن جي لاءِ برابر موقعا، منصفاڻي اجرت ۽ ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان آئيني شقن، عالمي معاهدن موجب عورتن جي حقن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، گذريل ڪجهه سالن ۾ اسان گهريلو تشدد، ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ ۽ صنفي فرق جي خلاف قانونن جي لاڳو سميت اهم قدم کنيا، صنفي بنياد تي تشدد کان بچي ويندڙن جي لاءِ خصوصي عدالتن ۽ هيلپ لائينز جي قيام سان عورتن جي تحفظ ۾ مدد ملي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سياست، عدليه، قانون لاڳو ڪندڙ ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، عورتن جي مالياتي شموليت، ڪاروباري سرگرمين ۽ ڊيجيٽل خواندگي جي فروغ جي لاءِ معاشي قدم کنيا ويا. صدر زور ڏنو ته اچو، عورتن جي هن عالمي ڏينهن تي هر عورت کي بااختيار بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون.