اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنفي برابري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته عورتن کي تعليم، هنرمندي ۽ روزگار جي موقعن تائين برابر پهچ فراهم ڪري ئي کين بااختيار بڻائي سگهجي ٿو، عورتن جي حقن کي يقيني بڻائڻ اسانجو مشن ۽ پختو عزم آهي. هن اها ڳالهه عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هتي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪابينا ميمبرن سميت نامور عورتن، قانونسازن، عهديدارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪارڪنن وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو اهتمام انساني حقن واري وزارت ۽ عورتن بابت قومي ڪميشن، گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ جي سهڪار سان ڪيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم عورتن بابت قومي ڪميشن ۽ پاپوليشن فنڊ جي تيار ڪيل پهرين رپورٽ به لانچ ڪئي، جيڪا تعليم، صحت، گورننس، سياسي نمائندگي ۽ انصاف جهڙن اهم شعبن ۾ چيلينجن جي نشاندهي ۽ انهن جي نبيري جي سفارش ڪري ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سندس حڪومت قومي معيشيت ۾ ڪردار ادا ڪندڙ پروگرامن ۾ عورتن جي شموليت کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي قدمن واسطي صوبن سان سهڪار ڪندي. هن ورڪنگ وومين انڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ اعلان يو ته جيئن ڪم ڪندڙ عورتن جي مدد ڪري سگهجي ته جيئن کين عصري چيلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملي. هن وزيراعظم جي عورتن کي با اختيار بنائڻ واري پيڪيج کي ملازمت وارن شعبن ۾ عورتن سان متڀيد واري ورتاءُ جي خاتمي ۽ مردن جي برابر سهولتن کي يقيني بنائڻ جي لاءِ خاص انتظام ڪرڻ جي لاءِ هڪ انقلابي قدم قرار ڏنو. هن چيو ته برابر موقعن جي فراهمي سان اسان جي 50 سيڪڙو عورتن جي آبادي کي هڪ لاڀائتي افرادي قوت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن ملازمت ڪندڙ عورتن جي سهولت جي لاءِ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اسلام آباد ۾ سرڪاري ۽ نجي کاتن ۾ ڊي ڪيئر سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ سهولتن جي دائري کي وسعت ڏيڻ جو منصوبو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ملڪ ۾ اعليٰ تعليم يافته عورتن جو وڏو انگ ڪم ۽ خاندانن ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پيشيوراڻو ڪيريئر ڇڏي ڏين ٿيون جنهن جي ڪري هنرمند انساني وسيلن جو وڏو نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته تعليم يافته عورتن جي ان طبق لاءِ منهنجو پيغام آهي ته اهي اڳتي اچن ۽ پنهنجي مهارت مطابق اسپتالن، بينڪن ۽ ٻين شعبن سان سلهاڙجن ته جيئن اهي قومي معيشيت جي بهتري ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهن. وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي انهن ناميارين عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن عورتن کي با اختيار بنائڻ جي لاءِ منظرنامي جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان سلسلي ۾ هن خاص طور تحريڪ پاڪستان جي سرگرم عورتن محترمه فاطمه جناح ۽ بيگم رعنا لياقت علي خان، پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو، آمريت خلاف مزاحمت ڪندڙ مثالي شخصيتن بيگم نصرت ڀٽو ۽ بيگم ڪلثوم نواز، سماجي ڪارڪنن بلقيس ايڌي ۽ ڊاڪٽر روٿ فائو، قانوندان عاصمه جهانگير، ملڪ جي ننڍي ڄمار واري آءِ ٽي ماهر ارفع ڪريم، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا، پنجاب جي پهرين عورت وزيراعليٰ مريم نواز، لاهور هاءِ ڪورٽ جي پهرين خاتون چيف جسٽس عاليه نيلم ۽ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج جسٽس عائشه ملڪ جو به ذڪر ڪيو. هن چيو ته قوم جون اهي نياڻيون عورتن کي ب ااختيار بنائڻ جي ذڪر جوڳي علامت آهن، جنهن پنهنجن لاڳاپيل شعبن ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. شهباز شريف پنهنجي پارٽي جي شروعاتي حڪومتي دور ۾ عورتن جي خودمختياري جي لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو جن ۾ عورتن جي لاءِ پنجاب جي پهرين تشدد جي روڪٿام واري مرڪز جو قيام، سرڪاري کاتن جي بورڊز ۾ عورتن جي ڪوٽا ۾ اضافو، شاگردياڻين لاءِ وظيفي ۾ اضافو ۽ 90 هزار ٻارڙين کي اسڪولن ۾ داخلا ڏيڻ ۽ سرن جي بٺن تان چائلڊ ليبر جو خاتمو شامل آهن. ان موقعي تي قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن موجب وزارتن ۽ ادارن کي عورتن جي شموليت وارين پاليسين کي يقيني بنائڻ جي لاءِ گذريل سال ٽاسڪ ڏنو ويو هو. هن چيو ته اهو قدم ڪاميابي سان ادارن جي بورڊز ۾ عورتن جي نمائندگي جي گهڻي تناسب جو سبب بڻيو. گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ چيو ته گڏيل قومن جو ادارو صنفي ايڪشن پلانس متعلق جٽادار ترقي وارن هدفن 2030ع حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد واسطي پرعزم آهي. هن چيو ته صنفي برابري کي عورتن جي مخصوص حوالي سان نه پر هڪ انساني مسئلي طور تسليم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صنفي مين اسٽريمنگ جي خاص ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته مختلف سرڪاري ادارن ۽ کاتن ۾ عورتن جي نمائندگي 33 سيڪڙو واري هدف کان گهٽ آهي. هن چيو ته انهن جي نمائندگي موثر حڪمراني ۽ بهتر پاليسي سازي جي لاءِ ضروري آهي. چيئرپرسن اين سي ايس ڊبليو ام ليله اظهر پاڪستان جي صنفي برابري جي باري ۾ چيو ته عورتون ڪيترن ئي شعبن ۾ رڪاوٽون عبور ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي چيئرمين سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) عاڪف سعيد چيو ته وزيراعظم جي عورتن کي با اختيار بنائڻ جي پيڪيج تحت ايس اي سي پي کي انهن نجي ڪمپنين کي نامزد ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو جن پنهنجي ڪم وارين جايتن تي فيملي فرينڊلي پاليسيون لاڳو ڪيون. هن چيو ته ڪمپنيون ڪم ڪرڻ جي محفوظ ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ رول ماڊل طور ڪم ڪنديون. وزيراعظم ڏهن بهترين نجي ڪمپنين کي فيملي فرينڊلي ايوارڊز ڏنا، جن ۾ الفا بيٽا، ڪور سوليوشنس، ارفع ڪريم ٽيڪنالوجي، انڪيوبيٽر، ايوي ايشن ايم آر او، بلنڪ ڪيپيٽل، فنورڪس گلوبل، گفٽ ايجوڪيشن، ڪسٽ پي، لائبه انٽر پرائيزز، ليڊيز فنڊ انرجي ۽ لي اينڊ فنگ پاڪستان شامل هيون.