اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ملڪي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي، عورتن جي حقن جي احترام ۽ اهڙي پاڪستان جي تعمير جي لاءِ گڏيل عزم جي ورجاءُ جي ضرورت آهي جتي هر عورت جي صلاحيتن جو ادراڪ هجي ۽ هر ڌيءَ جو خواب ان جي پهچ ۾ هجي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعطم چيو ته عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان ان ڳالهه جي تجديد ڪريون ٿا ته عورتون اسان جي معاشي جون معمار، اسان جي گهرن جو بنياد ۽ اسان جي مستقبل کي قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اسان جي زندگين ۾ عورتن جو انتهائي اهم ڪردار آهي، ڪلاس رومز کان وٺي بورڊ رومز تائين، ميدانن کان وٺي فرنٽ لائينز تائين، پاڪستاني عورتون اسان جي قوم جي روشن مستقبل کي سنواري رهيون آهن، هن سال عورتن جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”سمورين عورتن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ: حق – برابري ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ“ اصل ۾ هڪ عزم جو ورجاءُ آهي جيڪو هڪ اهڙو معاشري ٺاهڻ جي اسان جي گڏيل ذميواري جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ عورتن جو اهم ڪردار هجي. هن چيو ته اسان جو مذهب اسلام عورتن جي عزت ۽ حقن تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو، پاڪستان حڪومت پاليسي سطح تي مداخلت، قانوني سڌارن ۽ اداراجاتي تعاون جي ذريعي عورتن جي حقن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، حقيقي صنفي برابري طرف اسان جو سفر اڃا ختم ناهي ٿيو. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي، جڏهن اسان عورتن جي تعليم، صحت ۽ معاشي آزادي ۾ سيڙپڪاري ڪريون ٿا ته اسان نه رڳو ماڻهن پر ايندڙ نسلن کي ترقي ڏيون ٿا. هن چيو ته اچو! اڄ جي ڏينهن اسان عورتن جي حقن جي احترام کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ هڪ اهڙي پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي هر عورت جي صلاحيتن جو ادراڪ هجي ۽ هر ڌيءَ جو خواب ان جي پهچ ۾ هجي.