اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ عورتن جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سندن صلاحيتن کي قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ هل مضبوط ۽ خوشحال معاشري جو قيام ممڪن ناهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته اسلام عورتن کي عزت، وقار ۽ حق ڏنا آهن ۽ هر قسم جي صنفي متڀيد جي مخالفت ڪئي آهي. هن زور ڀريو ته عورتن کي زندگي جي سمورن ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن. هن چيو ته تعليم، صحت، معيشت ۽ ٻين سماجي شعبن ۾ عورتن جي شرڪت ۽ قيادت کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني ان موقعي تي بينظير ڀٽو شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو نه رڳو پاڪستان پر سڄي مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، جنهن عورتن جي حقن، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ترقي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين تحريڪ پاڪستان دوران عورتن جي تاريخي ڪردار کي اجاگر ڪندي محترمه فاطمه جناح، بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ ٻين عورت اڳواڻن جي جدوجهد کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ گواهه آهي ته عورتن هر دور ۾ قومي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄ به هو ملڪ جي خوشحالي ۽ استحڪام ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيون آهن. سيد يوسف رضا گيلاني اميد ظاهر ڪئي ته پارليامينٽ ۽ حڪومت عورتن جي ڀلائي، سندن حقن جي تحفظ ۽ کين قومي ترقي جي ڌاري ۾ وڌيڪ موثر انداز ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.