جده – 08 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جده ۾ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ فلسطينين کي سندن سرزمين تان بي گهر ڪرڻ جي مطالبن کي رد ڪرڻ جي تجديد ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق وزارتي اجلاس ۾ فلسطيني عوام خلاف جاري اسرائيلي جارحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان غزه ۾ پائيدار امن جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته ان جو ملڪ ٻه رياستي حل لاءِ بين الاقوامي اتحاد ذريعي ملڪن سان پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي. هن چيو ته خطي ۾ مستقل ۽ جامع امن رڳو هڪ اهڙي فلسطيني رياست جي قيام ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر القدس هجي ۽ جنهن جون سرحدون 4 جون 1967ع واريون هجن. شهزاده فيصل بن فرحان چيو ته ان جو ملڪ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن عرب ۽ اسلامي ڪوششن کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن ذريعي فلسطيني ڪاز جي حمايت ايئن ئي ڪندو رهندو جيئن 2023ع ۽ 2024ع ۾ به ٻه غير معمولي گڏيل عرب اسلامي سربراهي اجلاس منعقد ڪيا آهن. انهن اجلاسن جي نتيجي ۾ مملڪت جي سربراهي ۾ وزارتي ڪميٽي امن حاصل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان قدم کنيو ۽ امن جي حامي ملڪن فسلطيني رياست کي تسليم ڪيو.