اسلام آباد -08 مارچ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري سيڪريٽري ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عنبرين جان پاڪستاني عورتن کي انهن جي شاندار خدمتن تي سلام پيش ڪيو. پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ عورتن جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪيو ۽ قومي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شاگردياڻين لاءِ هڪ جهڙن تعليمي موقعن جي اهميت تي زور ڀريو. عورتن جي عالمي ڏينهن تي پي ٽي وي جي ايم ڊي ۽ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري عنبرين جان پاران پي ٽي وي نيوز تي خصوصي پيغام جاري ڪيو ويو. هن چيو ته عورتون اسان جي معاشري جي ڪرنگهي جو هڏو آهن. انهن جو بااختيارهئڻ خوشحال پاڪستان لاءِ اهم آهي. هن چيوته منهنجي سمورن والدين کي اپيل آهي ته اهي پنهنجي نياڻين سان ڇوڪرن جي برابر سلوڪ ڪن ۽ کين تعليم جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪن. عنبرين جان چيو ته اچو ته اسان قائداعظم محمد علي جناح جي شخصيت مان سبق حاصل ڪيون، جنهن عورتن جي خدمتن کي قدر جي گاهه سان ڏٺو ۽ ان سان گڏ ان جي ڀيڻ فاطمه جناح جيڪا سموري زندگي ساڻس گڏ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺي رهي. هن چيو ته پاڪستان جي آزادي لاءِ انهن جو رشتو ۽ گڏيل عزم مردن ۽ عورتن وچ ۾ محبت، احترام ۽ برابري جي حصيداري جي طاقت جو ثبوت آهي. هن چيو ته مان اطلاعات کاتي جي به تعريف ڪرڻ چاهيان ٿي، جتي مون پاڻ عورتن کي بااختيار بڻجندي ڏٺو آهي. هن چيو ته جڏهن مون شروعات ڪئي ته هن کاتي ۾ صرف ڪجهه عورتون هيون پر هاڻي عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ کاتي سان گڏ هٿي وٺي رهيو آهي. جيڪو وڌيڪ جامع ۽ برابري واري معاشري طرف اسان جي اڳڀرائي جي حقيقي عڪاسي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت، محنت ۽ تيزي سان ترقي ڪري رهيون آهن جيڪي اسان جي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ساراهه جوڳو حصو وجهي رهيون آهن.