ڪراچي-05 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عورتن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ ڀرپور نموني قدم کڻي رهي آهي ۽ نوڪري پيشه عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ هڪ هزار اليڪٽرڪ اسڪوٽيز جلد فراهم ڪرڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي, سنڌ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري سان صنعتي ترقي کي هٿي ملندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن اليڪٽرڪ اسڪوٽي ٺاهيندڙ چيني واپارين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي سنڌ ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽي متعارف ڪرائڻ ۽ ٽرانسپورٽ کي جديد بنيادن تي استوار ڪرڻ جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد سنڌ جي ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪندي جديد ۽ ماحول دوست سفري سهولتن جي واڌاري لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. ان دوران، وفد سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي پنهنجي ڪمپني جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ٽرانسپورٽ سسٽم بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيني سيڙپڪارن جي دلچسپي تي ڀليڪار ڪندي سنڌ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو پلانٽ قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن وفد کي سنڌ سرڪار پاران مڪمل سهڪار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار پاليسين جي خاطري پڻ ڪرائي. ملاقات ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ اسد ضامن ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو پڻ موجود هئا.