اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي انٽرنيشنل فري زونز اٿارٽي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي انٽرنيشنل فري زونز اٿارٽي ۽ اليريا گروپ جي 8 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ انٽرنيشنل فري زونز اٿارٽي جو چيئرمين مارٽن گريگرز پيڊرسن ۽ اليريا جو مئنيجنگ پارٽنر مانا علي محمد حماد الشمي سميت ٻيا عهديدار شريڪ هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعطم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري دوست ماحول جي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معاشي استحڪام کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان خطي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ترين مارڪيٽ بڻجي اڀري رهيو آهي. وفد پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جي فٽ پرنٽ کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات کانپوءِ سيڙپڪاري بورڊ ۽ انٽرنيشنل فري زونز اٿارٽي جي وچ ۾ پاڪستان جي موجوده اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت جي مٽاسٽا پڻ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شرڪت ڪئي. گڏيل عرب امارات جي انٽرنيشنل فري زون اٿارٽي ۽ سيڙپڪاري بورڊ پاڪستان جي وچ ۾ پاڪستان جي موجوده اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪاري جي مفاهمتي يادداشت جي مٽاسٽا ڪئي وئي. گڏيل عرب امارات جي انٽرنيشنل فري زونز اٿارٽي پاڪستان جي موجوده اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ ڪيترن ئي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪندي.