اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب ليگ پاران غزه جي نئين سر تعمير جي لاءِ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي جي منصوبي جي منظوري ۽ فلسطينين کي انهن جي اباڻي وطن مان بي گهر ڪرڻ جي ڪنهن به منصوبي کي سختي سان رد ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي. ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي ان مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو ته گڏيل قومن کي گهرجي ته اها ٻه رياستي حل بابت پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، جنهن ۾ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ قابل عمل، خودمختيار فلسطيني رياست قائم ٿئي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.