ڪراچي– 05 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري سرجن، ايس آءِ يو ٽي ڪراچي جي يورولاجي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر مُرلي ڌر طبي تحقيق ۽ ميڊيڪل ڪانفرنسن ۾ مريضن جي شموليت جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ مريضن کي ميڊيڪل ڪانفرنسن ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي ۽ تحقيقي ڪمن ۾ انھن جي شموليت کي لازمي بڻايو ويو آهي، پاڪستان ۾ به ان حوالي سان قدم کڻڻ گهرجن، اي پي پي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو ته پهريُون ڀيرو مريضن جي طبي ڪانفرنسن ۾ شموليت جي ڳالھ معذوري جي حق ۾ ڳالھائيندڙ رضاڪارن ڪئي جڏهن ته مريضن جي تنظيمن پُڻ صحت جي معاملن ۾ مريضن کي وڌ ۾ وڌ شامل ڪرڻ تي زور ڀريو آھي. ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو ته آمريڪا جي مريضن لاءِ ھڪ قانون پيشنٽ پروٽيڪشن ۽ افورڊبل ڪيئر ايڪٽ تحت مريضن جي فائدي ۾ مريضن کي تحقيق ۾ به شامل ڪيو ويندو. 1992ع ۾ اٺين ايڊز انٽرنيشنل ڪانفرنس اھا پھرين ڪانفرنس ھئي جنھن ۾ مريضن حصو ورتو ۽ 2002 کان رھيوميٽالوجي يعني سَنڌن جي سائنس واري ڪانفرنس OMERACT ۾ مريضن باقاعدگي سان حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ انهن شامل ٿيندڙن ۾ 10 سيڪڙو مريض ھيا، مريضن کي تحقيق ۾ شامل ڪرڻ سان سٺا نتيجا نڪتا جيڪي مريضن جي بھتري ۾ نظر آيا. هِن چيو ته 2011ع ۾ ميڊيسن 2.0 ڪانفرنس ۾ 35 کان وڌيڪ مريضن اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ پروگرام تحت شموليت ڪئي. ڊاڪٽر مُرلي ڌر وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا جو استعمال وڌنڌو پيو وڃي ان ذريعي ماڻھن تائين ڄاڻ سولائي سان پهچائي سگهجي ٿي، هِن چيو ته مريض ھاڻي فيصلا سازي ۾ اھم آھن اھي تحقيق ۽ طبي سھوليتن جي حاصلات واري عملن ۾ شامل آھن ان ۾ پئسا خرچڻ وارا وڏي شوق سان حصو وجھي رھيا آھن تنھن ڪري عوام ۽ مريض ان عمل ۾ وڌي چڙھي حصو وٺي رھيا آھن. آمريڪا ۾ مريضن جي مرڪزي ڪردار وارو تحقيقي ادارو صحت ۽ تحقيق وارو ڪينيڊين انسٽيٽيوٽ، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ھيلٿ ۽ ڪيئر ريسرچ اھڙا ٻيا ڪيترا ھي ادارا مريضن جي مفادن تي مشتمل تحقيق ٿا ڪن ۽ مريضن ۽ عوام کي ان ۾ شامل ٿا رکن، ليوسين اينجلن مريضن جي وڪيل جنھن مريضن وارو چارٽر آندو ۽ دنيا جو صحت وارو ادارو سڄي دنيا جي مريضن ۽ عوام کي شامل ڪرڻ جي ڳالھ ٿو ڪري، پيشنٽ رووليوشن انٽر نيشنل شيئرڊ ڊسيشن ميڪنگ سوسائٽي ۽ ڪيئر ليب اھي صحت جي سھوليتن کي ڪمرشل بدران لاڀائتو بڻائڻ جي ڳالھ ڪن ٿا برٽش ميڊيڪل جرنل گروپ جا 60 جرنل مريضن ۽ عوام کي پنھنجي جرنل جي لکڻين ۾ شامل ڪن ٿا اھي مريضن کي ايڊيٽرشپ به ڏين ٿا. انھن وٽ وسيع بين القوامي مريضن ۽ عوام جا مشاورتي پينل آھن انھن سان گڏجي ھو صحت متعلق مسئلن جا حل ڳولھين ٿا. ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو ته برٽش ميڊيڪل جرنل 2023ع ۾ 40 سيڪڙو تعليمي مواد مريضن جو ڇپيو يا اھي ان ۾ شامل ھيا، ڊاڪٽر مُرکي ڌر چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ان ڳالھ جي گهڻي ضرورت آھي ته مريض کي ان عمل ۾ شامل ڪرڻ سان مريضن جو فاعدو ٿيندو. هِن چيو ته دنيا ۾ ڊاڪٽرن خلاف ڪورٽن ۾ ڪيس ٿيندا رھن ٿا، اسان وٽ به ماڻھو ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ شڪايتون کڻي وڃن لڳا آهن، پر جيڪڏهن مُشاورتي عمل ۾ مريض ۽ انهن جا مائٽ شامل هُوندا ته معاملا بهتر ٿيندا ۽ ان جا سُٺا نتيجا نڪرندا، هِن چيو ته اسان وٽ سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ مريضن سان بهتر انداز ۾ پيش اچڻ کي ايتري اھميت نٿي ڏني وڃي، پر هاڻي جٿي سڄي دُنيا ۾ طبي فيصلن ۽ تحقيق ۾ مريضن ۽ انهن جي مائٽن کي شامل ڪيو پيو وڃي، اسان کي به ان حوالي سان سوچڻو پوندو، اسان جا طبي رسالا به مريضن جي لکڻين کي شامل ڪن انھن کي طبي ڪانفرنسن ۾ دعوت ڏئي گھرايو وڃي اھو سڀ مفت ھجي ۽ ان سان معاشري ۾ صحت جي معاملي ۾ بهتري ايندي.