اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا اينڊ پيسفڪ) عمران احمد صديقي بنگلاديش جي ڪامرس واري سيڪريٽري محبوب الرحمان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ لاڳاپن جي وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ايندڙ ڏينهن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.