اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي آمريڪي قومي سلامتي واري صلاحڪار مائيڪل والٽز ٽيليفون ڪري دهشتگردي جي خلاف پاڪستان حڪومت جي ڪوششن تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران تعريف ۽ ٿورا مڃيا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار قومي سلامتي واري صلاحڪار کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان صدر ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا سميت آمريڪا سان پنهنجي پراڻي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن کي قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ آمريڪا سان تعاون جاري رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن صدر ٽرمپ پاران افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي فوجي ساز ۽ سامان کي واپس وٺڻ جي اعلان کي پڻ ساراهيو. ڌرين آءِ ٽي، توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ وسيع البنياد ايجنڊا جي حصي جي طور تي واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي ۽ صحت تي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو.