اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ جو 29هون اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس، پوليس سروس آف پاڪستان ۽ فارن سروس آف پاڪستان جي گريڊ 21 جي آفيسرن جي گريڊ 22 ۾ ترقي جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سينيئر بوروڪريٽس جي ڪارڪردگي ۽ اهليت جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيترن ئي آفيسرن جي ترقي جي منظوري ڏني وئي. پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس مان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ وسيم اجمل چوڌري، امبرين رضا، علي طاهر، عثمان اختر باجوه، محمد حمير ڪريم، سيد عطاءُ الرحمان، مصدق احمد خان، راشد محمود، مومن آغا، نديم محبوب، محي الدين احمد واني، دائود محمد بريچ، شڪيل احمد مڱڻيجو، سعديه سروت جاويد، اسد الرحمان گيلاني، علي سرفراز حسين، زاهد اختر زمان، نيبل احمد اعواڻ ۽ احمد رضا سرور، پوليس سروس آف پاڪستان ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ بي اي ناصر، غلام نبي ميمڻ، محمد فاروق مظهر، عمران يعقوب منهاس، عبدالخالق شيخ، محمد زبير هاشمي، محمد شهزاد سلطان ۽ محمد طاهر، فارن سروس آف پاڪستان مان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ احمد نسيم وڙائچ، رحيم حيات قريشي، عاصم افتخار، رضوان سعيد شيخ، سيد احسن رضا شاهه، فيصل نياز ترمذي، نبيل منير، ثقلين سيده ۽ شفقت علي خان شامل آهن. اجلاس دوران ترقي جي منتظر آفيسرن جي سروس رڪارڊ، تجربي ۽ ملڪ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي نظر ۾ رکيو ويو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ وڌيڪ محنت ۽ لگن جو مظاهرو ڪندا. اهي ترقيون سول بيوروڪريسي ۾ اعليٰ عهدن تي تجربيڪار ۽ قابل آفيسرن جي مقرري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪيون ويون آهن، جيڪي پاليسي سازي ۽ گورننس جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.