اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي)وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جي ترقيءَ جو دارومدار نجي شعبي جي اڳواڻيءَ ۾ اقتصادي بهتري ۽ مهارتن کي هٿي وٺرائڻ تي آهي. سي او ٽي ايڇ ايم گلوبل ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي افرادي سگهه کي جديد عالمي معيشت جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو ۽ نجي شعبي کي سيڙپڪاري، ڪاروباري وسعت ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪوبه ملڪ نجي شعبي جي مڪمل شموليت ۽ هنرمند افرادي سگهه کان سواءِ پائيدار ترقي حاصل نٿو ڪري سگهي. پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجز هڪ نئين طرزِ فڪر جا گهرجائو آهن جتي حڪمت ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪري، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن کي جديد مهارتن سان سنواري. هن چيو ته پاڪستان بي پناهه صلاحيتن سان مالامال آهي پر ان کي تعليمي سڌارن ۽ صنفي ترقيءَ ذريعي عالمي سطح تي مقابلي جي قابل بڻائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان سياهت ۽ مهمان نوازيءَ جي شعبي ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو اهي ۽ ان جا قدرتي منظر ۽ تاريخي ورثو عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ان شعبي جي مڪمل صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ بنيادي ڍانچي ۾ بهتري ۽ هنرمند افرادي سگهه جي تياري ضروري آهي. پاڪستان کي ماضيءَ ۾ سيڪيورٽي جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻو پيو پر اسان جي هٿياربند فوج جي قربانين سبب اڄ پاڪستان سياحتي ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي. هاڻي ان ترقيءَ کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ انساني وسيلن ۽ ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي ۾ سيڙپڪاري اڻٽر آهي. هن چيو ته اُڏام پاڪستان ملڪي معيشت جي ترقيءَ جو هڪ واضح روڊ ميپ فراهم ڪري ٿو، جنهن جو هدف 2047ع تائين پاڪستان کي 3 کرب ڊالرن جي معيشت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان منصوبي جو مقصد اهم شعبن کي مستحڪم ڪرڻ، جدت کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستاني نوجوانن کي عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪرڻ جي قابل بنائڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت ۽ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ ملڪ آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي توجهه اقتصادي ترقيءَ تي ڏيون. هن چيو ته ڏڦيڙ ۽ گهٽ مُدي واري حڪمت عمليءَ ترقيءَ جي رفتار کي سست ڪيو آهي پر هاڻي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.