اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ جدا جدا ملاقات ڪئي ۽ انهن سان پنهنجي وزارتن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.