اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ضروري فصلن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت جي ٽيم جي قيادت ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ وفاقي سيڪريٽري وسيم اجمل چوڌري ڪئي. اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي جي ربيع 25 – 2024ع بابت ڪڻڪ پاليسي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ڪڻڪ جي متوقع پيداوار ۽ قومي ضرورتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪميٽي کي هلندڙ سال جي پوکيءَ هيٺ زمين بابت بريفنگ ڏني ۽ زرعي حڪمت عملين کي گهريلو ضرورتن ۽ آبادگارن جي فائدي سان هم آهنگ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڪميٽي في ايڪڙ پيداوار ۽ مجموعي زرعي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي زرعي تحقيقي نظام کي هم آهنگ ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار صوبائي حڪومتن سان مشاورت جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته پاليسيون آبادگارن کي فائدو پهچائين ۽ شعباجاتي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪن. اجلاس ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت جي تعين تي پڻ غور ڪيو ويو ته جيئن آبادگارن جي لاءِ منصفاڻي قيمتن کي محفوظ بڻائي سگهجي ۽ مارڪيٽ ۾ استحڪام برقرار رکي سگهجي. نائب وزيراعظم ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو پاليسي فريم ورڪ کي بهتر ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ زرعي پاليسي ڪميٽي جي مباحثن ۾ اهم بحث جي نقطن کي شامل ڪري. اجلاس سڌاراجاتي قدمن جي ذريعي زرعي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ پوکيءَ جي شعبي ۾ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ڊگهي مدي واري استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار پاليسين ۽ اسٽريٽجڪ مداخلتن جي ذريعي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ، آبادگارن جي مدد ڪرڻ ۽ وزارت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. بيان موجب نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت ڊگهي مدي واري استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار پاليسين جي ذريعي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ، آبادگارن جي مدد ۽ زراعت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.