اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊارن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. هن پنهنجي فون ۾ نائب وزيراعظم سميت پاڪستان جي قيادت ۽ شهرين کي رمضان المبارڪ جي دلي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پڻ گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ قيادت کي رمضان المبارڪ جي موقعي تي مبارڪباد ڏني ۽ گڏيل عرب امارات جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل عرب امارات جي ولي عهد جي پاڪستان جي تازي دوري جي نتيجن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.