اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اختيار ولي خان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اختيار ولي کي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ پارٽي معاملن جي حوالي سان عوامي رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.