اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پنهنجي ڀرپور ڪوششن جي ذريعي ملڪي معيشت کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سمورين اسٽاڪ مارڪيٽن جي انضمام کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اڄ بلندين کي ڇُهي رهي آهي، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي هيڊ آفيس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، حڪومت سمورن شعبن ۾ انهن امڪانن کي ڳولڻ جي لاءِ انتهائي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته معيشت جي بهتري جي لاءِ نوجوان پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻين، دشمن پاڪستان کي ڊيفالٽ ڏسڻ چاهي ٿو، ايندڙ دور ۾ چئلينجز جو بهتر انداز ۾ مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته چٽاڀيٽي ڪميشن صارفين جي حقن جي تحفظ جي ذميوار آهي، چٽاڀيٽي ڪميشن جي ذميواري ڪنزيومر پروٽيڪشن سوسائٽي جي لاءِ اهم آهي، ڪارپوريٽ قانون ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي، اسان اينٽي مناپلي لاء کي مضبوط ڪيو آهي جڏهن ته ڪارپوريٽ لاء اٿارٽي کي خودمختيار ادارو بڻايو ويو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 2013ع ۾ پاڪستان غيرمستحڪم مارڪيٽ ڊڪليئر ٿي ويو هو ۽ ملڪ کي عالمي سطح تي ميڪرو اڪنامڪ غيرمستحڪم ملڪ قرار ڏنو ويو هو، ان کانپوءِ معيشت بهتر ٿي، اسٽاڪ مارڪيٽ بلندين تي پهتي. نائب وزيراعظم چيو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي صلاحيت موجود آهي، قدرت ملڪ کي هر قسم جي نعمت سان نوازيو آهي. هن چيو ته 27 سالن کانپوءِ اسان ملڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس جي صورت ۾ گهڻ رخو ايونٽ ڪيو، اهڙي طرح اڳتي وڌندا رهياسين ته ائٽمي پاڪستان اقتصادي طور تي مضبوط ٿيندو. نائب وزيراعظم چيو ته اڄ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت جو پهريون سال مڪمل ٿي رهيو آهي، وزيراعظم ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، معاشي پاڻڀرائپ طرف وڌڻ وقت جي گهرج آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي هڪ سال ۾ اسان پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي وڏي تقريب منعقد ڪئي جنهن کانپوءِ ڇوڪرين جي عالمي تعليم جي حوالي سان هڪ ٻي وڏي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ چار درجن ملڪن شرڪت ڪئي. محمد اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، اهو وقت گهڻو پري نه آهي جڏهن پاڪستان کي دنيا جي قومن ۾ صحيح مقام ملندو. نائب وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو ملڪ جا خيرخواهه نه آهن اهي پاڪستان کي ڊيفالٽ ڏسڻ چاهين ٿا، اسان معاشي طور تي جدوجهد ڪرڻ چاهيون ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جو قيام ملڪ ۾ ڪارٽيلز کي روڪڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي، اسان وٽ صارفين جي تحفظ جون ايتريون مضبوط سوسائٽيون نه آهن جيئن اولهه ملڪن ۾ آهن.