اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت جو پهريون سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ اڱاري ڏينهن ٿيندڙ خصوصي اجلاس ۾ پنهنجي حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي پيش ڪندو. خصوصي اجلاس ۾ ڪاروباري ماڻهو، چيمبرز جا نمائندا، عورتون، شاگرد ۽ ٻين شعبن مان شهري شرڪت ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت جو پهريون سال مڪمل ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا جي ڪارڪردگي جي جائزي جي لاءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزير، ناڻي، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي رپورٽ پيش ڪندا. خصوصي اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. خصوصي اجلاس ۾ زندگي جي مختلف شعبن جنهن ۾ ڪاروباري ماڻهن، چيمبرز جي نمائندن، عورتن، ٻارن ۽ ٻين شعبن مان شهرين کي گهرايو ويو آهي ته جيئن اهي اجلاس جو پاڻ مشاهدو ڪن ۽ گذريل سال ۾ حڪومتي قدمن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي کان آگاهه ٿين. ان موقعي تي وزيراعظم خطاب پڻ ڪندو.