تهران – 4 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي مرضي کانسواءِ آمريڪا سان ڳالهيون نه ٿينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن خيالن جو اظهار ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان ميڊيا سان ڪيل ڳالهين دوران ڪيو. هن چيو ته سندس انتظاميه آمريڪا جي حوالي سان سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي مؤقف تي عمل ڪندي. ان حولي سان کيس ئي رياستي معاملن خاص طورتي پرڏيهي پاليسي ۽ ايٽمي پروگرام تي حتمي فيصلي جو اختيار حاصل آهي. سندس چوڻ هو ته 85 سالن جو آيت الله خامنه اي 1989 کان ملڪ جي قيادت ڪري رهيو آهي . جڏهن اعليٰ اڳواڻ ڪنهن رستي جو تعين ڪندو آهي ته اسان کي پاڻ به ان مطابق هلڻ لاءِ رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.