رياض-04 (اي پي پي ) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان قصر يمامه ۾ لبنان جي صدر جوزف عون جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صدر لاءِ باضابطه استقبال تقريب جو اهتمام ڪيو ويو بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي طريقن، لبنان ۽ خطي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.