اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن کي عملي جامعو پارائڻ جي هدايت ڪندي آذربائيجان جي صدر پاران پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اعلان جي حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نگراني ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ آذربائيجان جي تازي دوري تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيما، ڄام ڪمال خان، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي دوري دوران صحيحون ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن کي عملي جامعو پارائڻ جي هدايت ڪئي وئي. وزيراعظم واپار واري وزارت کي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ موجوده واپار جي ڪاٿي کي 2 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر پاران پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اعلان جي حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نگراني ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ڪميٽي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ معاهدن جي لاءِ تياري يقيني بڻائيندي. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر جي ايندڙ مهيني متوقع پاڪستان جي دوري کان اڳ ترجيحي بنيادن تي سموريون تياريون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان سميت اهڙن سمورن ملڪن جتي پاڪستان سان واپار جي وسيع صلاحيت موجود آهي، ۾ ٽريڊ آفيسرن جي مقرري جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. اجلاس ۾ وزيراعظم کي باڪو ۾ ٿيندڙ گڏيل بزنس فورم جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته فورم ۾ 83 پاڪستاني جڏهن ته آذربائيجان جون 101 ڪمپنيون شرڪت ڪنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي دوري دوران پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي حوالي سان 13 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون هيون.