اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 2029ع تائين ملڪي روانگي واپار 60 ارب ڊالر تائين وڌائڻ، 2035ع جي ويزن تحت ملڪ کي هڪ ٽريلين جي معيشت بڻائڻ ۽ قرضن مان جان ڇڏرائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان 9 مئي وارا نه آهيون 28 مئي وارا آهيون، ملڪ مان ضد، نفرت، گارگند ۽ احتجاج جي سياست کي دفن ڪرڻو پوندو، هڪ ٻئي جون ٽنگون ڪڍڻ بدران ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، موجوده حڪومت جي هڪ سال جي مدي ۾ روانگي واپار، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، مهانگائي جي شرح 28 سيڪڙو مان 1.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، حڪومت جيخلاف ڪرپشن جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو، مثبت معاشي انگن اکرن جو عالمي ادارا به اعتراف ڪري رهيا آهن، رمضان پئڪيج تحت 40 لک خاندانن ۾ 5، 5 هزار رپيا ورهايا ويندا، آغزه ۾ جنگبندي جي باوجود امداد ۽ خوراڪ کي بند ڪرڻ کان وڏو ڪو ظلم نه ٿو ٿي سگهي، دهشتگردي جي خاتمي کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري نه ٿو رهي سگهي، پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ وڃايل مقام ڏيارينداسين ۽ پنهنجي قائد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪابينا جي خصوصي اجلاس جي ڪارروائي نشر ۽ ڪابينا جي هڪ سال جي ڪارڪردگي عوام آڏو پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزيرن پنهنجي پنهنجي وزارت ۽ ٻين شعبن جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي رپورٽ پيش ڪئي. خصوصي اجلاس ۾ زندگي جي مختلف شعبن بشمول ڪاروباري ماڻهن، چيمبرز جي نمائندن، صحافين، عورتن، شاگردن ۽ ٻين شعبن مان شهرين کي گهرايو ويو ته جيئن اهي اجلاس جو پاڻ مشاهدو ڪن ۽ گذريل هڪ سال ۾ حڪومتي قدمن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي کان آگاهه ٿين. وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جو هي خصوصي اجلاس آهي، سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چئون ٿا، موجوده حڪومت کي اقتدار ۾ آئي هڪ سال ٿي ويو آهي، 4 مارچ 2024ع تي اسان حڪومت سنڀالي هئي، اميد آهي ته نئين وزيرن جي شمولت سان مون کي، حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي انهن جي محنت، لگن ۽ جذبي سان فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي برڪتن سان اسان فيض ياب ٿي رهيا آهيون، هي مهينو اسان کي پنهنجو پاڻ کي انسانيت جي خدمت ۽ مفلوڪ الحال ماڻهن جي لاءِ وقف ڪرڻ جو درس ڏي ٿو، انهي جذبي تحت گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ 7 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو ويو هو جنهن کي وڌائي هلندڙ سال 20 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي 40 لک خاندانن ۾ ڊيجيٽل والٽ مان 5، 5 هزار رپيا شفاف طريقي سان ورهايا ويندا، ان ڊيجيٽل نظام جي ڪري نه ته لائينون لڳنديون ۽ نه ئي يوٽيلٽي اسٽورز بابت غلط خبرون اينديون، نه گهپلن ۽ شين جي معيار بابت خبرون اخبارن جي زينت بڻجنديون. وزيراعظم چيو ته هي مقدس مهينو ان ڳالهه جو به گهرجائو آهي ته فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي، غزه ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ڪيا ويا آهن، ڪشمير جي واديءَ ڪشميرين جي رت سان ڳاڙهي ٿي چڪي آهي، اڄ غزه ۾ جنگبندي جي باوجود رمضان المبارڪ ۾ امداد ۽ خوراڪ کي بند ڪرڻ کان وڏو ڪو ظلم نه ٿو ٿي سگهي، ان تي ڀرپور آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، انشاءَ الله رمضان المبارڪ جي برڪتن سان ڪشميري ۽ فلسطيني عوام کي انهن جو حق جلد ملندو. وزيراعظم چيو ته هڪ سال اڳ اسان جي معيشت لوڏا کائي رهي هئي ۽ ڊيفالٽ جي ويجهو پهچي چڪي هئي، اسان وقت سر قدمن سان ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، جڏهن آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته آءِ ايم ايف کي خط لکيا پئي ويا ته پاڪستان جي لاءِ پروگرام منظور نه ڪيو وڃي، ان کان وڏي ملڪ دشمني ڪا نٿي ٿي سگهي، اڄ اسان نه رڳو ڊيفالٽ مان نڪري آيا آهيون پر آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ سمورا عالمي ادارا چئي رهيا آهن ته پاڪستان جا ميڪرو اقتصادي انگ اکر استحڪام جي طرف گامزن آهن ۽ هاڻي معيشت جي ترقي جو سفر جاري آهي، اسان کي گڏجي محنت ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پنهنجي قائد ميان محمد نواز شريف ۽ پي ڊي ايم جي دور جي پنهنجي اتحادين جا پڻ ٿورائتا آهيون. ان کانسواءِ موجوده اتحادين صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، چوڌري شجاعت حسين، چوڌري سالڪ حسين، ايم ڪيو ايم، باپ پارٽي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ جي پارٽي ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه عبدالعليم خان جي اسان کي ڀرپور حمايت حاصل آهي، انهن جي تعاون سان اسان مشڪل ترين مرحلا عبور ڪيا آهن، هر مشڪل ۾ ساٿ ڏيڻ تي اتحادين جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي ۽ اهو وفاقي وزيرن، مملڪتي وزير، خاص معاونين ۽ سيڪريٽرين جي ڏينهن رات ڪوششن جو نتيجو آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مڪمل يڪسوئي سان ڪنهن ذاتي ايجنڊا کان مٿانهون ٿي سمورا ادارا متحد ٿي ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن ڏينهن رات محنت ڪئي آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن تحت 5 ارب ڊالر جي انتظام جي لاءِ دوست ملڪن اسان سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ معاشي بهتري جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اسان ان سلسلي ۾ دوست ملڪن جا دورا به ڪيا. وزيراعظم چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سعودي عرب اسان جي 1.2 ارب ڊالر جي تيل جي سهولت ۾ واڌ ڪئي آهي، يو اي اي جي صدر محمد بن زيد النهيان پڻ 2 ارب ڊالر رول اوور ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ اسحاق ڊار جڏهن ناڻي وارو وزير هو ته ان وقت ناڻي واڌ جي شرح 3.1 سيڪڙو هئي، هاڻي هو نائب وزيراعظم آهي ۽ ناڻي واڌ جي شرح 1.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڀرپور محنت ۽ ٽيم ورڪ ئي اهو فارمولو آهي جنهن سان اسان ملڪ کي ترقي جي رستي تي وجهي سگهون ٿا، هڪ ٻئي جون ٽنگون ڪڍڻ بدران ملڪي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته غيرملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذسيرا جيڪي هڪ سال اڳ چار ارب ڊالر هئا هاڻي 12 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن، هڪ سال اڳ مهانگائي جي شرح 28 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي گهٽ ٿي 1.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، اهڙي طرح پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 12 سيڪڙو تيا چي ويو آهي، ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي گنجائش آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، آءِ ٽي روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ پڻ نمايان اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ اپوزيشن ڪو ڪوڙو اسڪينڊل به حڪومت جي خلاف سامهون نه آڻي سگهي، ان کان وڏي اسان جي ٻي ڪاميابي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، هڪ سال ۾ حڪومت جي خلاف ڪرپشن جو هڪ ڪيس به سامهون ناهي آيو، ان تي الله تعاليٰ جو جيترو به شڪر ادا ڪريون اهو گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ هاڻي وڌيڪ تيزي ايندي، تڏهن ئي اڏار پاڪستان ٺهندو جڏهن ملڪ مان خوارج جو مڪمل خاتمو ٿيندو، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ جوان امن قائم ڪرڻ جي لاءِ نه وسارڻ جوڳيون قربانيون ڏئي رهيا آهن، اسان جا جوان ۽ آفيسر روزانو شهادت ماڻي رهيا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ دهشتگردي جو خاتمو ٿي ويو هو، سڀ ڄاڻين ٿا ته دهشتگردي ٻيهر ڪيئن ڪَر کنيو، ڪنهن دهشتگردن کي واپس اچڻ جي اجازت ڏني، اهو ڪير هو جنهن دهشتگردن کي واپس آندو، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ جوان جانيون هٿيلي تي رکي دهشتگردن جو صفايو ڪري رهيا آهن، اهي پنهنجي ٻارن کي ته يتيم ڪري وڃن ٿا پر لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائين ٿا، اها قربانين جي هڪ لازوال داستان آهي، دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري نه ٿو رهي سگهي، دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي، پاڪستان عالمي دنيا ۾ وڃايل مقام حاصل ڪري ئي رهندو، اهو مشڪل آهي پر ناممڪن نه آهي، اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي آمدني وڌائڻو پوندي، سيڙپڪاري ملڪ ۾ آڻڻي پوندي ۽ قرضن مان جان ڇڏرائڻي پوندي. هن چيو ته معاشي ترقي پاڪستان جي ترقي، عزت ۽ وقار کي اڳتي وٺي ويندي، دهشتگردي سان گڏ گارگند جوڪلچر پيدا ڪيوويو آهي، ان زهر کي پڻ ختم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جهڙي طرح 2018ع ۾ پاڪستان کي هڪ اڀرندڙ معيشت بڻائي ڇڏيو هو انهي جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ عظيمم لڪ بڻجندو، پوري نظام کي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو ڃي، اي گورننس کي فروغ ڏنو پيو وڃي، ايف بي آر کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ٿي رهيو آهي، ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ اسان ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهيون، صنعتڪارن کي پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون جاري آهن، جيڪڏهن ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ته بهانا ۽ جادو ٽوڻا نه هلندا، رڳو ڪم ڪرڻو پوندو، اهڙي طرح آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ ترقي ڪري سگهون ٿا، 9 مئي جي حملن جا حصيدار اسان نه آهيون، اسان 28 مئي وارا آهيون، جڏهن قائد نواز شريف پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻايو هو، چين جي حصيداري سان پهريون خلاباز خلا ۾ ويندو، اهو ڊگهو ۽ ڏکيو سفر آهي پر گهٻرائڻ ۽ پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته عدالتن ۾ اوڳاڙين جا چار هزار ارب رپين جا ڪيسز التوا هيٺ آهن، انهن کي اڪلائڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم جاري آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ منع نامو خارج ڪيو آهي، انهي ڏينهن 23 ارب رپيا خزاني ۾ جمع ٿيا، اهڙي طرح سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ ساليانو 850 ارب رپيا ٻڏي رهيا آهن، ان سوراخ کي پڻ بند ڪرڻو پوندو، بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، خساري جو شڪار ادارن جو خسارو ختم ڪرڻ کانسواءِ ترقي جو خواب اڌورو رهندو. وزيراعظم چيو ته 2029ع ۾ جڏهن موجوده حڪومت جو 5 سالن جو مدو پورو ٿيندو ته پاڪستان پنهنجي پيرن تي وڏي مضبوطي سان بيهي رهيو هوندو، اسان کي 2029ع تائين ملڪي روانگي واپار کي 60 ارب ڊالر تائين وڌائڻو آهي ۽ 2035ع جي ويزن تحت پاڪستان کي هڪ ٽريلين اڪانومي رکندڙ ملڪ بڻائڻو آهي، آءِ ٽي کي روانگي واپار ۾ سرفهرست آڻڻو پوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ ضد، نفرت ۽ احتجاج کي دفن ڪرڻو پوندو ۽ مفاهمت، پيار ۽ محبت کي فروغ ڏيڻو پوندو، انهي ۾ اسان جي بقاءَ آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي دنيا ۾ پاڪستان کي ان جو وڃايل مقام ٻيهر ڏيارينداسين، پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجندو ۽ پنهنجي قائد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائينداسين. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته موجوده حڪومت جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ڪيترائي چئلينجز درپيش هئا، اپريل 2022ع ۾ ملڪي معيشت عالمي درجابندي ۾ 47هين پوزيشن تي اچي وئي هئي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ڪاميابيون حاصل ڪيون، ايس سي او جو ڪامياب انعقاد پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي، ٻارڙين جي تعليم بابت اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ٿي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي جڏهن ته ملڪ معدنيات سان مالامال آهي، فائدو کڻڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي. اسحاق ڊار چيو ته ضرب عضب وانگر عزم استحڪام تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان غزه جي مظلوم ڀينرن ڀائرن کي انساني همدرديءَ امداد فراهم ڪري رهيو آهي جيڪا جاري رهندي. ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، استحڪام سان گڏوگڏ گهربل ڍانچاجاتي سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان 43 وزارتن ۽ 400 لاڳاپيل ادارن ۾ قدمن جو سلسلو جاري آهي، 10 وزارتن تي تجويزون اچي چڪيون آهن جن جي ڪابينا توثيق پڻ ڪري ڇڏي آهي، مالي سال جي پڄاڻي تائين سمورين وزارتن ۽ لاڳاپيل بابت فيصلا ڪيا ويندا، ڊسمبر جي پڄاڻي تائين جي ڊي پي جي تناسب سان اوڳاڙين جي شرح جي حوالي سان آءِ ايم ايف جي مقرر هدف کان وڌيڪ هدف حاصل ڪري وٺنداسين، ايندڙ چئن سالن ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح کي 13.5 سيڪڙو جي سطح تي وٺي وينداسين. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته اسان مشڪل حالتن ۾ حڪومت سنڀالي، حڪومتي قدمن سان سمورن ادارن ۾ ترقي جو عمل جاري آهي، مثبت تنقيد جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ انتشار پکيڙيو. هن چيو ته اسان هر قسم جي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اڏار پاڪستان منصوبي تي پوري دلچسپي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، سي پيڪ منصوبي جي ڪري ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري آئي، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي ڪم شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو. احسن اقبال چيو ته 2018ع ۾ سي پيڪ جي منصوبي کي شديد نقصان پهچايو ويو، 2018ع ۾ جيڪڏهن اسان کي نه روڪيو وڃي ها ته اڄ اسان وڏي معيشتن ۾ شامل هجون ها. توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو ته عوام کي سستي بجلي جي فراهمي ترجيح آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، درآمدي ڪوئلي بدران ملڪي ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪئي ويندي، بجلي چوري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نقصان ۾ گهٽتائي آندي وئي. هن چيو ته صنعتي ۽ زرعي شعبي کي سستي بجلي جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ آءِ ٽي جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ملڪ ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، انٽرنيٽ جي اسپيڊ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٽي سب ميرين ڪيبلز وڇايون ويون آهن، اسان جو مستقبل آءِ ٽي سان واڳيل آهي.