ڪراچي-04 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي سڄي سنڌ ۾ کاتي جي ملڪيتي زمينن تان قبضا خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آھي ته ٽرانسپورٽ کاتي جون سموريون زمينون فوري طور تي خالي ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اهڙيون هدايتون هن ڪالهه هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون. اجلاس دوران شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تي ٿيل قبضا جلد کان جلد ختم ڪرايا وڃن. هن سرڪاري ادارن طرفان ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تي قبضي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تي ڪجهه سرڪاري ادارن جو قبضو افسوس جوڳي ڳالهھ آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي، ڪراچي موبلٽي پروجيڪٽ جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن جو مقصد شهر جي ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائڻ آهي. هن چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي جو اهم حصو آهي، ڄام صادق پل مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت پرعزم آهي ته ڪراچي واسين کي هڪ جديد ۽ اثرائتو پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم فراھم ڪيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي هڪ اهم عوامي ٽرانسپورٽ منصوبو آهي، جنهن جو مقصد شهرين کي جديد ۽ سستيون سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن سمورن لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن منصوبو تيزيءَ سان مڪمل ٿي سگهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي جي ٽرانسپورٽ واري نظام تي پيل دٻاءُ گهٽجي ويندو ۽ مسافرن کي سهولت ملي سگهندي، حڪومت سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪري منصوبي کي مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اجلاس دوران پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي ييلو لائن بي آر ٽي جي تازي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته منصوبو وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ ان تي تعميراتي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. هن اجلاس کي آگاهي ڏني ته يوٽيلٽيز جي منتقلي بابت ڪجهه چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جن کي جلد کان جلد حل ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي جي ڪم ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ييلو لائن منصوبي جي مختلف فني ۽ انتظامي چئلينجز تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته ييلو لائن منصوبي ۾ شامل پُلن ۽ ڊيپوز جي تعميراتي ڪم جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو، ييلو لائن بي آر ٽي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.