ڪراچي-04 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته دشمن طاقتون پئسا خرچ ڪري سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي فوج ۽ ان جي سربراهه خلاف مهم هلائي رهيون آهن، اسان کي محتاط رهڻ گهرجي ڇو ته اهي قوتون چاهين ٿيون ته جيڪڏهن فوج ڪمزور ٿي وئي ته پوءِ اسان انهن جو عراق، لبنان، شام ۽ فلسطين جهڙو حال ڪنداسين، اهي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا پوري قوم فوج سان گڏ آهي اسين کين کي ائين ڪرڻ نه ڏينداسين. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ افطار ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. گورنر چيو ته اسان مشڪل دور مان گذري رهيا آهيون ۽ هي وقت به گذري ويندو. هن چيو ته وزيراعظم ڪراچي شهر ۾ گئس جي بندش جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪريان ٿو ته هو گئس بحال ڪري خاص طور تي سحري ۽ افطاري جي وقتن ۾ گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن ٻڌايو ته گورنر هائوس ۾ افطار ۽ رات جي ماني کانپوءِ ڪڻا ڪڍيا ويا. ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪڻو ڪڍيو جنهن ۾ سکر جي رهائشي طاهر حسين جو اسمارٽ سٽي ۾ 120 گز جو پلاٽ نڪتو. گورنر هائوس ۾ رمضان المبارڪ جي ٻي افطاري ۾ به هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.