لاهور -04 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. نيوزيلينڊ خلاف 16 کان 26 مارچ تائين ٿيندڙ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ سلمان علي آغا کي پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. شاداب خان نائب ڪپتان هوندو، بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي. پي سي بي ترجمان مطابق محمد رضوان ون ڊي ڪپتان طور برقرار رهندو. 29 مارچ کان 5 اپريل تائين 3 ون ڊي ميچن لاءِ سلمان علي آغا نائب ڪپتان طور خدمتون انجام ڏيندو. نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، عباس آفريدي، عبدالصمد، ابرار احمد، حارث رئوف، حسن نواز، عرفان خان نيازي، جهانداد خان، خوشدل شاهه، محمد علي، محمد حارث، عمير بن يوسف، شاهين شاهه آفريدي، سفيان مقيم ۽ عثمان خان شامل آهن. ون ڊي اسڪواڊ ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، عبدالله شفيق، ابرار احمد، عاڪف جاويد، بابر اعظم، فهيم اشرف، امام الحق، عرفان خان نيازي، خوشدل شاهه، محمد علي، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، سفيان مقيم ۽ طيب طاهر شامل آهن. ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ 3 ان ڪيپڊ رانديگر عبدالصمد، حسن نواز ۽ محمد علي شامل آهن، جڏهن ته عاڪف جاويد ۽ محمد علي کي ون ڊي ۾ ڊيبيو ڪرڻو آهي. اوپنر فخر زمان ۽ صائم ايوب کي طبي مشوري تي ٻنهي فارميٽ لاءِ غور هيٺ نه آندو ويو. واضح رهي ته محمد يوسف کي بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.