اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جي شروعات تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته رمضان المبارڪ اسان کي ضرورتمندن ۽ پٺتي پيل محروم طبقن جي تڪليفن جون احساس ڏياري ٿو. رمضان المبارڪ جو پيغام اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي ٻين جي مدد ڪيون، غريبن ۽ مسڪينن جون ضرورتون پوريون ڪيون ۽ معاشري ۾ قرباني جي جذبي کي هٿي ڏيون. قوم کي اپيل آهي ته هن مبارڪ مهيني ۾ خيرات ۽ صدقي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ۽ ضرورتمندن جو خاص خيال رکن، پنهنجي سگهه کان وڌيڪ غريبن جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر مملڪت آصف علي زرداري رمضان المبارڪ 1446هجري جي شروعات تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر مملڪت چيو ته مان سڄي پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جون واڌايون ڏيان ٿو. هن چيو ته رمضان المبارڪ رحمت، مغفرت ۽ جهنم کان نجات جو مهينو آهي. هي مهينو اسان کي پنهنجي نفس کي ماري صبر، استقامت، همدردي، مساوات ۽ اتحاد جو درس ڏئي ٿو. رمضان المبارڪ تقويٰ اخلاص ۽ قرب الاهي حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. صدر مملڪت چيو ته هي مهينو مسلمانن لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي اصلاح جو ماحول پيدا ڪري پنهنجي زندگين کي نئين سر شروع ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. آصف علي زرداري چيو ته رمضان المبارڪ اسان کي ضرورتمندن ۽ محرم طبقن جي تڪليفن جو احساس ڏياري ٿو. رمضان المبارڪ جو پيغام اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي ٻين جي مدد ڪيون.